آريسر واھي فقير

آريسر، واھي فقير: واھي فقير جو اصل نالو رحيم ڏنو ۽ ذات آريسر آھي، ھي ٿر جي ھڪ ڳوٺ وجھلاڻ جو رھندڙ ھو ۽ قائم الدين قلندر جي وقت ۾ ھو ھندستان جي علائقي مان اٺ چوري ڪري بڪيرا شريف آيو، جتي اٺن جا رنگ بدلجي ويا، جنھن تي ھو پير قائم الدين قلندر وٽ آيو ۽ اچي کانئن معافي ورتائين ۽ اٺ واپس ڌڻين کي موٽايا ويا. قلندر قائم الدين ھن کي چيو ته سانجھي تو وٽ گھوڙن تي ڪي ماڻھو ايندا. سندس چوڻ موجب جڏھن اھي ماڻھو وٽس پھتا ته انھن ھن کان پڇيو ته تون ڪير آھين، جنھن تي ھن جواب ڏنو آئون واھي آھيان، وري پڇيائون ڪنھن جو ؟ چيائين باغ جو. وري کانئس پڇيو ويو ته باغ ڪنھن جو آھي؟ چيائين حسن ۽ حسين جو. ان کان پوءِ انھن کيس سائو پٽڪو ٻڌايو ۽ مٿس واھي فقير جو نالو پئجي ويو، واھي فقير جي مزار درگاھ شريف جي سامھون ھيٺاهينءَ تي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو